اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي، معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اها ڳاله?? هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪين??ون سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستا?? حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وفاقي وزير کي اطلاعات واري وزارت سان گڏ ثقافت ۽ قومي ورثي جو اضافي قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پائيدار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن، ڪئناڊا پاڪستان جو مرڪزي ترقياتي حصيدار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته معاشي لاڳاپن ۾ اضافو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڪينيڊ??ن هاءِ ڪمشنر پاڪستا?? حڪومت جي معاشي قدمن کي ساراهيو.