ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪشميري?? جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول ها??وس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پي پي پي جي چيئرمين يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي آئي?? جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ڄاڻايل قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميري?? جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل قدمن گڏيل قوم?? جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون?? جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فورمن تي ڪشميري عوام ج?? حق?? جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪشميري عوام ج?? خودمختياري واري حق?? جي حمايت گڏيل قوم?? جي ٺهرائن تحت ڪري.