اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پ?? پي) پاڪستان چي?? آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياس??، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چي?? ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ”استحصال ڏه??ڙو??? ملهايو. ترجمان چي?? ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن طرف ڇڪرايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پ??هنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.