اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي شه??دت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مستونگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنجگور تي حملي جي شديد مذمت ڪئ?? آهي ۽ پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي شه??دت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀا??ين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئ??.