اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٽو جي ڪ??مياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٽو جي ڪ??مياب تربيتي لانچنگ ??اڪستان جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو شاندار ڪ??رنامو آهي. اسان جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن هڪ دفعو ٻيهر فني مهارت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سائنسدانن ۽ انجنيئرن محنت ۽ چاهه سان اڄ پاڪستان ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ هڪ ٻيو سنگ ??يل عبور ڪيو آهي. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪ??ي پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي.