اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر جي علائقي تيراهه ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سي??يورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته سي??يورٽي فورسز وقت سر ڪامياب آپريشن ڪري ف??نه الخوارج جي 25 دهشتگردن کي ماريو. آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ 4 سپاهين جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويو. سي??يورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ف??نه الخوارج جي دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو.