اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي ??لا??ڪار راڻا ثناالله پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لا??ز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، سينيٽر عث??ان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اختر مين??ل اسان جو ڀاءُ ۽ سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اختر مينگل جو فيصلو ??رپ??ائيز هو، اڄ اسان ان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لا??ِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.