اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته يوم دفاع ملڪي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪ ف??ج سڄي قوم جو فخر آهي. جمعي ڏينهن يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته دفاع جو ڏهاڙو پاڪ ف??ج جي بهادري ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. يوم دفاع پاڪستاني فوج جو عظيم ڪارنامو آهي. هن چ??و ته ان ڏينهن پاڪ وطن جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، 6 سيپٽمبر دشمن کي عبرتناڪ شڪست ملي، يوم دفاع اسان سڀني کي شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، اسان کي شهيدن جي خاندانن جو خاص خيال رکڻو آهي. ملڪ کي ??ڄ به د??شت??ردي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادا درپيش آ??ن، سڄي قوم پنهنجي اتحاد ۽ ايمان سان دشمن کي ٻيهر شڪست ڏيندي.