لاهور- 06 سيپٽمبر(اي پي پي) ??يپ??ز پارٽي سين??رل پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم دفاع پاڪستان کي ??وم و??ا عزم وطن طور ملهائڻ گهرجي، زنده قومون پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي ??ميشه ياد رکنديون آهن، ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. اهڙو اظهار هن يوم دفاع جي موقعي تي ڪيپٽن سرور شهيد نشان حيدر جي يادگار سنگهوري سرور شهيد گوجر خ??ن ۾ هڪ پروقار تقريب ۾ ڪيو . تقريب ۾ سياسي ، سماجي ۽ ادبي شخصيتن سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ راجا پرويز اشرف يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 06 سيپٽمبر تي اسان جي فوج دشمنن جو مقابلو ڪري انهن جي ناپاڪ ارادن کي ??اڪام بڻايو ، دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف فوج ۽ عوام جو اتحاد وسارڻ جوڳو ناهي . هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي اڄ پوري قوم فوج سان گڏ آهي. اڄ جو ڏينهن اسان جي محسنن جي قربانين کي ??اد ڪرڻ ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آهي .اسان کي ??نهجي بهادر پٽن تي ناز آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي قوم ڪشمير ڪاز ۽ ولاريل وادي جي ڪشميرين سان گڏ آهي . پر امن بقاءَ تحت سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا چاهيون ٿا . قائد اعظم جي اصولن ۽ قاعد عوام جي ويزن سان اسان سڀ اڳيان وڌي سگهون ٿا.