اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جي پراڻي حصيداري کي ساراهيندي زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي ها??وسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍاڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي ??رقياتي بئنڪ (اي ڊ?? بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وزيراعظم ها??وس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جي پراڻي حصيداري کي ساراهيندي وزيراعظم اي ڊ?? بي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران متعارف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي ??ي شعبي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ کي وڌائڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي ??ي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن کي يقيني بڻائي ??گهجي جيڪي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ??رقياتي بئنڪ پاران 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدلاڻي مدد کي ساراهيو. هن زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ??رقياتي بئنڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وابستگي کي ساراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئنڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، ماحولياتي تبديلي جي شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ جي بئنڪ جي عزم جي تجديد ڪئي. منصوبابندي، تر??ي واري وفا??ي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفا??ي وزير، اقتصادي معاملن واري وفا??ي وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفا??ي وزير ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ۽ اي ڊ?? بي جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي ها??وسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جا اهي ٻئي منصوبا ٻوڏ س??ن تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.