اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روس جي ??ائب و??يراعظم اليڪسي اوورچڪ وفدن جي سطح تي پرڏيهي وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار، صنعت، توانائي، ڪنيڪٽيويٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب و??يراعظم اوورچڪ جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر ولاديمير پيوٽن جي ??طرفن لاڳاپن جي ??وس، گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ??يزن جي تعميل ۾ ٿي رهيو آهي. روسي فيڊ??يش?? جو نائب و??يراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ??ن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. روسي نائب و??يراعظم پاڪستان جي دوري دوران صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو.