اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽ??ي اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آهي ته صارفين کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جا??ي اعل??ن موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعل??ن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) ا??ف سي اي جي مد ۾ 57 پئسا في يونٽ جي گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين کانسواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳ?? نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ان کان اڳ صارفين کان جولاءِ جي ا??ف سي اي جي مد ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪيو ويو هو، آگسٽ جو ا??ف سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.