اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) مشهور واپاري اڳواڻ خواجه محبوب الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس وڏي ڪاميابي ۽ بهتر سفارتڪا??ي جو نتيجو آهي. گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ حڪومت جي ??هتر سفارتڪا??ي جو نتيجو آهي، عالمي برادري پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي. ان ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ سان نه رڳو ملڪ ۾ واپار کي هٿي ملندي پي بين الاقوامي سيڙپڪاري ۾ پڻ اصافو ٿيندو. هن تحري?? انصاف کان 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته هتي بين الاقوامي وفد اچي رهيا آهن، اهو موقعو احتجاج جو ناهي پر مهمانن جي ??جيان ڪرڻ جو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪانفرنس سان ملڪ جي ??هتري ۽ خوشحالي لاءِ رستا هموار ٿيندا، اهو اجلاس اهم موقعو آهي جيڪو علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي مسئلن جي ??ل لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.