اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ ايشيائي رياست تاجڪس??ان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ گذريل ڏينهن پاڪس??ان پهچي ويو آهي. اسلام آباد جي عالمي هوائي اڏي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمان وزيراعظم جو شاندار ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو.
ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا. تاجڪ وزيراعظم جي آمد ج?? موقعي تي واپار واري وزير ۽ مهمان وزيراعظم وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون به ٿيون. پاڪس??ان ۾ تاجڪس??ان جي سفارتخاني جون اعليٰ سفارتي اختياريون به موجود هيون. تاجڪس??ان جي وزيراعظم جو پاڪس??ان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي سهڪار ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جون اميدون وڌي ويون آهن.