اسلا?? آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ شنگه??ئي تعاون تنظيم ۾ گهڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ??وس?? فيڊريشن جي وزيراعظم ميخائل مشوستن سان انته??ئي اهم ملاقات ٿي، ??سان واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ملاقات دوران علائق??ئي ۽ عالمي اڳڀر??ئي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسان گڏيل قومن ۽ شنگه??ئي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.