اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪي پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳال??ه ٻولهه ڪ??ي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر فيڊريشن ڪائونسل آف فيڊريشن ويلنٽينيا ميٽوينڪو جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ج?? دؤري تي آيل خاص پارلياماني وفد جي اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر، مختلف ملڪن ج?? سفيرن، س??اسي پارٽين ج?? اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊنر جو مقصد پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ هو. فيصل ڪريم ڪنڊي روسي وفد سان ملاقات دوران ڪي پي ڪي جي عوام طرفان خيرسگالي جا پيغام پهچايا ۽ صوبي ۾ روسي سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي ڳال??ه ٻولهه ٿي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ توانائي، س??احت ۽ قدرتي وسيلن ج?? شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ روسي سيڙپڪارن ج?? دلچسپي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. روسي اسپيڪر ڊنر جي دعوت تي پاڪستان ج?? شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته روس پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ مستقبل م ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستيءَ وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.