اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي ??زير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي ??اڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ لاءِ وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي ترقي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطا مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن مختلف حڪومتي، مالياتي ۽ ڪاروباري ادارا هڪ ٻئي سان موثر انداز ۾ رابطي ۾ هوندا آهن ته ان سان منصوبه بندي ۽ عمل جي رفتار ۾ بهتري ايندي آهي. ان سان نه رڳو فيصلا جلدي ٿيندا آهن پر وسيلن جو درست ۽ موثر استعمال به ممڪن ٿئي ٿو، جيڪو اقتصادي ترقي کي وڌائڻ ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ادارن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ سهڪار پاليسيون لاڳو ڪرڻ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ عوامي ڀلائي جي پروگرامن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي ??زير چيو ته حڪومت جو ڪ?? پاليسي فريم ورڪ، معيشت جي بهتر?? لاءِ سڀني کي ??رد??ر ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ ادارن وچ ۾ رابطو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ٽي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مالياتي شموليت ۾ ٽيڪنالاجي انتهائي اهم ??رد??ر ادا ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هفتي رياض ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي، رياض ۾ منعقد ڪانفرنس جو ٿيم آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس هو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ فني درستگي آئي آهي، معيشت ۾ بهتر?? لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شيون بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀني کي پنهنجو ??رد??ر ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جو ڪ?? پاليسي فريم ورڪ ۽ ان ۾ تسلسل برقرار رکڻ آهي، نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي ڪمن کي توسيع ڏين.