اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي جي ميزبانيءَ هيٺ پاڪستاني قانونسازن ۽ اسپين جي سينيٽ معاملن جي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي وفد وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. م??اق??ت ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سفارتي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ معاشي ترقي سميت ڪيترن ئي عالمي چئ??ينجز تي تع??ون جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار سفارتي لاڳاپن جو ??عتراف ڪندي پاڪستان ۾ اسپين جي سفير سميت هسپانوي پارلياماني وفد جو ??اندار استقبال ڪيو. هن اسپين ۾ هاڻوڪي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي روشني هسپانوي عوام سان گهري يڪجهتيءَ جو ??ظهار ڪندي اهڙيءَ طرح جي قدرتي آفتن سان پاڪستان پنهنجي تجربن جو ??ڪر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني تع??ون وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ قدرتي آفتن خلاف تياري، امدادي انتظام ۽ بحالي جي ڪوششن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ هسپانوي عوام سان يڪجهتيءَ طور گڏ بيٺل آهيون. اسان هن قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي حڪمت عمليءَ تي تع??ون ڪرڻ چاهيون ٿا. اجلاس ۾ پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي به زور ڀريو. هن اسپين سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي گڏيل قومن جهڙي گهڻ رُخي فورم ۾ گڏيل ڪوششن ذريعي، جتي ٻيئي ملڪ جٽادار ترقي، انساني حقن ۽ تڪرارن جي حل سميت گڏيل مقصدن جي وڪالت ڪن ٿا. هن چيو ته بهتر تع??ون ذريعي اسان موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ معاشي عدم استحڪام جهڙن اهم عالمي چئ??ينجز کي مُنهن ڏئي سگهون ٿا ۽ وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال دنيا لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا. م??اق??ت ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اقتصادي تع??ون کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن انساني امداد ۽ ترقياتي منصوبن ۾ گڏيل ڪوششن سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري ۽ جٽادار ترقي جي قدمن ۾ واڌ جي امڪانن تي روشني وڌي. هن ٽيڪنالاجي، تجديد جوڳي توانائي ۽ صحت جهڙن عام شعبن ۾ گڏيل پارلياماني ڪميٽين ۽ تحقيقي تع??ون جي قيام جي به تجويز ڏني. م??اق??ت ۾ اسپين ۾ موجود پاڪستانين جي ساراهه جوڳين خدمتن تي به روشني وڌي وئي ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ عوامي رابطن جي ڪردار تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌُرين تعليمي ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا جي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته پاڪستانين ۽ـ هسپانوي جون ايندڙ نسلون گڏيل عالمي چئ??ينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن. سينيٽر عرفان صديقي گهري تع??ون ۽ گڏيل احترام جي مستقبل جي اميد جو ??ظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن کي اُڀرندڙ عالمي مسئلن جي جواب ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ باقاعدگيءَ سان سفارتي مشاورت جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان پارلياماني تع??ون اسان جي سفارتي ۽ معاشي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ مان هڪ خوشحال ۽ تع??ون تي ٻَڌل مستقبل جو منتظر آهيان. اجلاس ۾ اوپن ڊائلاگ ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقيءَ ک?? اڳتي وڌائڻ جي گڏيل عزم جو ??ظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر راڻا محمود الحسن، سيد علي ظفر، روبينه قائمخاني، محمد عبدالقادر ۽ سينيٽر لياقت خان ترڪئي ۽ـ سينيٽ سيڪريٽريٽ جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. م??اق??ت کان پوءِ مانجهاندي جو ??هتمام به ڪيو ويو.