اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) قائداعظم يو??يو??سٽي جي ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز شعبي جي شاگردن جي هڪ وف?? قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وف?? کي اداري جي آپريشنل معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. شاگردن جي دوري جو مقصد اي پي پي ۾ خبرن جي تياري، متن، فوٽو ۽ وڊيوز سيڪشن سميت مختلف پليٽ فارمز بابت معلومات حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قائداعظم يو??يو??سٽي جي شاگردن کي قومي مفادن جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪ??دار کان آگاهه ڪيو. هن اسٽريٽجڪ ميڊيا اداري جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قومي بيانيي جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪ??دار تي روشني وڌي. هن چيو ته جعلي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ اي پي پي سنسني خيزي جي مشق ۾ ملوث ٿيڻ کانسواءِ مستنند ۽ معتبر مواد ڦهلائڻ تي ڌيان ڏنو. هن شاگردن کي ماڊرن ??يو?? فائلنگ سسٽم جي ذريعي مختلف شعبن جو احاطو ڪندڙ پيشيور صحافين جي ٽيم جي ذريعي اي پي پي جي قومي ۽ عالمي پهچ کان آگاهه ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي قومي سلامتي جي ڏس ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل معاملن ۽ مختلف سياسي منظرنامن جي ڪوريج ۾ اي پي پي پاران توازن کي برقرار رکڻ بابت شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا. قائداعظم يو??يو??سٽي جي وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب جي قيادت ۾ شاگردن اي پي پي جي مختلف سيڪشنز، سينٽرل ??يو?? ڊيسڪ، انگلش رپورٽنگ، فارن اينڊ اڪنامڪ ڊيسڪ، اردو ??يو?? سروس، وڊيو ??يو?? سروس، اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو. بعد ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي قائداعظم يو??يو??سٽي جي شاگردن جي وف?? جي قيادت ڪندڙ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ، ڊائريڪٽر ??يو?? شمائله عندليب، ڊائريڪٽر وڊيو ??يو?? رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ڪرائيم رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر آءِ ٽي عدنان بخاري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.