اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ ??نه??جي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن خود اراديت ??ار?? حق جي حمايت ڪن ٿا، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ??نه??جي پيغام ۾ سردار اياز صادق فلسطين ۾ ??ار?? اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. سندس چوڻ هوته فلسطين ۾ گذريل سال کان ??ار?? اسرائيلي جارحيت سبب 44 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جو وڏو انگ شامل آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيلي جارحيت دوران هڪ لک فلسطيني زخمي ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ ??ار?? اسرائيلي جارحيت تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ ??ار?? نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ فلسطين مسئلي جو حل اڻٽر آهي. سردار اياز صادق چيو ته اسرائيلي فوج طرفان ٻارن، عورتن ۽ معصوم شهرين جو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. فلسطين مسئلي جو واحد حل 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست جو قيام ۽ بيت المقدس کي ان جو گادي ??ار?? شهر بڻائڻ آهي. هن چيو ته اسرائيلي جارحيت فلسطيني عوام جي خود اراديت ??ار?? حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي سي??سي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ??ار?? رکندو.