اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪامپيٽشن ڪميشن جو دؤرو ڪيو ۽ ڪميشن جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ورتي. پنهنجي دؤري دوران ??ن چيو ته مختلف معاشي شعبن ۽ مارڪيٽن مان ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ ??خت قدم کنيا وڃن. چيف جسٽس کي درخواست ڪنداسين ته سپريم ڪورٽ ۾ چ??اڀ??ٽي بابت ڪيسن تي خاص بئنچون جوڙي، جن ڪيسن ۾ حڪومت جو روينيو جو معاملو هجي، ان تي سپريم ڪورٽ معاونت ڪري. ??ن چيو ته ڪيسن جي پيروي لاءِ چ??اڀ??ٽي ڪميشن ملڪ جي ب??ترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪري. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ چ??اڀ??ٽي ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، مارڪيٽن جي مانيٽرنگ لاءِ جديد فني ۽ ڊيٽا جو استعمال ڪريو. ??ن چيو ته مارڪيٽ ڊيٽا جو انالسز ۽ مانيٽرنگ ڪري ڪارٽلز کي پڪڙيو وڃي ۽ چ??اڀ??ٽي ڪميشن مارڪيٽ ۾ ڳٺجوڙ خلاف جاري انڪوائرين کي مڪمل ڪجي. ??ن چيو ته سمورا ريگيوليٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي هم آهنگي مان بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا، مارڪيٽن ۾ شفافيت ۽ مقابلي جو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪميشن کي هر قسم جي سپورٽ ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته چ??اڀ??ٽي ڪميشن کي مضبوط بنيادن تي ب??هارڻ لاءِ آٽوميشن ڪئي وڃي ۽ حڪومتي ادارا ڪمپٽيشن ڪميشن جي مختلف شعبن جي ريسرچ رپورٽن مان فائدو کڻن. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي واضح آهي ته جيڪي ڪاروبار نجي شعبي جي ڪرڻ جا آهن، حڪومت ان ۾ شامل نه ٿيندي. چ??اڀ??ٽي ڪميشن جي ڪارڪردگي ڪافي ب??تر آهي، ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي.