اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي جمهوريه سوڊان جي پرڏيهي وزي?? ڊاڪٽر علي يوسف احمد الشريف ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سوڊان جي عوام سان پاڪستان جي تاريخي ۽ ڀا??راڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ سوڊان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو.