اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف فتنه الخوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سڀ گڏجي ان فتني جو خاتمو ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي خلاف جيڪو زهر اوڳاڇيو پيو وڃي ان کي روڪڻو پوندو، پاڪستان جي خلاف جيڪي سازشون ڪيون پيون وڃن انهن ۾ ملوث عنصرن جي پوري طرح ڄاڻ آهي، جيڪي اهي سمجهن ٿا ته اسان جي جوانن جون قربانيون رائيگان وينديون اهي تمام وڏي ڀُل ۾ آهن. پنهنجي صدا??ت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? اجلاس ۾ شريڪ وفاقي وزيرن، آرمي چيف، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، آزاد ڪشمير جي وزير??عظ??، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ اعليٰ عملدارن جي آجيان ڪئي. وزير??عظ?? شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني ته پاڪستان سلامتي ڪ??ئو??سل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. وزير??عظ?? چيو ته سلامتي ڪ??ئو??سل ۾ اسان جون ذميواريون ٻن سالن جي لاءِ آهن، پاڪستان ان حيثيت سان انٽرنيشنل ڊپلوميسي ۾ پنهنجي پوري صلاحيت سان ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. وزير??عظ?? سلامتي ڪ??ئو??سل جو غيرمستقل ميمبر بڻجڻ جي لاءِ نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان عالمي امن جي لاءِ پنهنجو سفارتي ڪردار بهتر طريقي سان نڀائيندو. وزير??عظ?? ٻڌايو ته صوبن ۾ سي ٽي ڊي کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، پنجاب ان حوالي سان سڀني کان اڳتي آهي. هن چيو ته پوليس کي جديد تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ڪرڻو پوندو، ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻيون پونديون. خاص طور تي اهڙين حالتن ۾ جڏهن دشمن ڪڌي مقصدن جي لاءِ گهات لڳائي ويٺل آهي، اهي قدم انتهائي اهم آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خارجي گهُس ڀيٽيا ملڪ جي امن جا دشمن آهن. سرحد پار کان ڪجهه ڏينهن جيڪو حملو ٿيو ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي. بلوچستان ۾ پاڪستان جي خلاف مختلف قسم جون سازشيون ٺاهيون پيون وڃن، انهن ۾ ملوث خارجي هٿ جي پوري طرح سان ڄاڻ آهي ته ڪٿان ڪٿان کان انهن کي مدد ۽ حمايت ملي رهي آهي. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب تڏهن ئي پورو ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان سڀ گڏجي چئني صوبن، وفاق، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بنايون. هن چيو ته فتنه الخوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي، وفاق، صوبن ۽ دفاعي ادارن کي گڏجي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بطور وزير??عظ?? منهنجي ڪا پسند يا ناپسند نه آهي، قومي مفاد سڀني کان مٿانهون آهي ۽ مون کي يقين آهي ته سمورن شرڪت ڪندڙن جي اها ئي سوچ آهي جيڪڏهن ان سوچ کي عملي جامعو پارايو وڃي ته ڪا مشڪل مشڪل نه رهندي. هن چيو ته ڊيجيٽل محاذ تي پاڪستان کان ٻاهر ويٺل دوست نما دشمن ۽ ايجنٽ جيڪو زهر اوڳاڇي رهيا آهن ۽ جهڙي طرح اهي پاڪستان جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي رهيا آهن اهو هڪ تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، ڪوڙ ۽ حقيقتن کي مسخ ڪري پاڪستان جي خلاف ماحول ٺاهيو پيو وڃي. وزير??عظ?? چيو ته اسلام آباد تي گذريل ڏينهن ۾ جيڪا ڪاهه ڪئي وئي ان جي آڙ ۾ ڪوڙ جو طوفان ۽ حقيقتن کي ميساري جهڙي طرح جي پروپئگنڊه ڪئي وئي ان جو تازن وقتن ۾ مثال نه ٿو ملي، ان کي مُنهن نه ڏنو ويو ته سموريون ڪوششون رائيگان وينديون. هن چيو ته ان حوالي سان وفاق قدم کڻي رهيو آهي، صوبن کي ??ه پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد تي چڙهائي دوران رينجرز جي شهيد جوانن جي حوالي سان ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون ويون. وزير??عظ?? چيو ته هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪي لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن اهي رائيگان نه وينديون. جيڪي ان کي ضايع ڪرڻ چاهين ٿا اهي تمام وڏي ڀُل ۾ آهن. پاڪستان قربانين جي ڪري ئي قائم ۽ دائم رهندو. اسان گڏجي ان فتني جو خاتمو ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين.