اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات وا??ي وفاقي وزير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪر?? جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات وا??ي وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پولي?? کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪر?? جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪ?? کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي وسيلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات وا??ي وفاقي وزير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند جي تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي پولي?? کي وڌ کان وڌ ذميوا??ي وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند جي تار چوري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي ن??ان??هي ڪريو. مواصلات وا??ي وفاقي وزير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بند جي تار چوري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند جي تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي وئي آهي، اتي نئين حفاظتي بند وا??ي تار جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند وا??ي تار چوري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي وزير مواصلات واري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي.