ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام جي ??اءِ وفاق ۽ صوبن جي ??چ ۾ ويجهي تعلق ۽ هم آهنگي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته عوام جي ??سئلن جي حل، ملڪ جي خدمت، صوبن ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن به صوبي ۽ عوام جي ترقي پ??ڪستان جي ترقي آهي، ه?? وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آهي، سعودي ۽ ايراني قيادت جي دورن سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ڪابينا جي ??يمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي اويس احمد خان لغاري، تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ??تيجي ۾ اسان کي مينڊيٽ مليو آهي، اسان کي ان مينڊيٽ جو احترام ڪندي گڏجي ??لڪ جي خدمت، صوبن ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اسان عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون، ه?? وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آهي، ان جي ??اءِ وفاق ۽ صوبن کي ويجهو تعلق ٺاهڻو پوندو. سنڌ جي ??ڏي وزير سان ويجهو رابطو آهي، وفاقي ۽ صوبائي وزير به هڪ ٻئي سان تعلق قائم ڪن، سنڌ جي ترقي پ??ڪستان جي ترقي آهي، پنجاب جي ترقي پ??ڪستان جي ترقي آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن ??ي ترقي به پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته ان تعلق کي مضبوط ٺاهيان، ڪجهه وقتن تي اسان کي اهڙا فيصلا به ڪرڻا پوندا جيڪي شايد اسان پنهنجي ??اءِ پسند نه ڪندا هجون پر ملڪ جي عوام ۽ صوبن ??ي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرڻا پوندا ته جيئن جمهوريت ۽ ترقي جي گاڏي اڳتي وڌي. وزيراعظم چيو ته سعودي ۽ ايراني وفدن پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، ايران جو صدر ڪراچي به آيو، اهڙي طرح اڳتي به اميد آهي ته سيڙپڪاري جي ??اءِ وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ چئني صوبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي ??وقعن مان فائدو کڻندا پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجو هوم ورڪ ڪريون، پاڻ ۾ هم آهنگي هجي ۽ پوري تياري ۽ هڪ جهڙي سوچ سان اڳتي وڌنداسين ته مثبت نتيجا سامهون ايندا. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ جي عوام جي ??اءِ ٽيم بڻجي ڪم ڪنداسين، ان کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي. ان موقعي تي سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم شروع ڪيو هو، انهي جذبي سان اڳتي وڌنداسين، سنڌ جي صوبائي حڪومت وفاق سان گڏجي عوام جي اميدن تي پورو لهندي.