اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پي??اوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي ??هي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگار جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ن??ي شعبو روزگار جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿ??، نجي شعبو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ ??هي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پي??ا ڪيون جنهن جي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گذريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان ??هي.