اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو ??ه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خ??شحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي ا??ميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپن جي ا??تمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفير يا??و جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.