اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي 74 هين يوم آزادي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻايو ويندو، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن کي تاريخي پيڪيج ڏنو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، انشاءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، پاور ڪمپ??ين سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ م??اهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام ج?? لاءِ سستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پ??ڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي، انهن جي حق ج?? لاءِ دعاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قا??داعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي، اهي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني انسانن کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ رياست انهن جي حقن جي ضمانت ڏي، وزيراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي منزل تي پهچي ساهه پٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪنهن قوم ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.