اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمانن جي دل ??زا??ي ٿيندي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي ا??ر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحولياتي آلودگي ۽ اسان جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن کي حضور اڪرم ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو ع??يم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، دنيا جي سئو ع??يم شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضور ﷺ جي زندگي جي ذريعي ا??ان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحولياتي صورتحال تي ا??ر پيا آهن، اسان جي خطي ۾ ماحولياتي صورتحال سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موس??يا??ي تبديلين جي ڪري منفي ا??ر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايمان جي قوت سبب ڪا??يا??ي حاصل ڪئي.