اسلام آباد – 09 نومبر (اي پ?? پي) اسلام آباد ۾ لوڪ ميلي بي رنگ ماحول ۾ رنگ ڀري ڇڏيا آهن، سنڌ جو پويلين سنڌ کان پري رهندڙ ما??هن جي مٽيءَ جي سڪ لاهڻ جو وسيلو بڻجي ويو، ٿر جو چونئرو، شڪارپوُر?? سانڌاڻو، رلين، اجرڪن، ڀرت ڀريل ڪپڙن جو وڪرو عروج تي آهي، لوڪ فنڪار سائينداد جلال يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائي ما??هن کي جهومائي وڌو، اسلام آباد ۾ لڳل ساليانو لوڪ ميلو هن وقت عروج تي آهي ۽ ما??هن کي گهر ويٺي تفريح ملڻ جي ڪري سنڌ سان لاڳاپيل ڪيترائي ما??هُوءَ پن??نج?? ٻارن ٻچن کي وٺي ميلو گهمڻ اچي رهيا آهن.