اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومتي معاشي ٽيم ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود معاشي ا??گ اکر بهتر قرار ڏنا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، صنعت ?? پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ ٻين ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته معيشت، روزگار ۽ مهانگائي جي مسئلن کي تيزي سان حل ڪندي عوام جي زندگين آسانيون آڻڻ اسان جي حڪومت جو اول ۽ آخر مقصد ۽ هدف آهي.