وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين اين آر او نه ملندو، ملڪ تي جيڪڏهن چورن ۽ ڦورئ?? جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج هزار ڪي??ال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمي?? جي نشاندهي چڱن مڙس?? جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي علائق?? جي فنڊز ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچستان سميت پوئتي پيل علائق?? جي ترقي اسا?? جي ترجيح آهي. ڏکڻ وزيرستا?? جي علائقي مولاخان سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مديني جي رياست جو بنياد قانو?? جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي رياست جا اصول رول ماڊل آهن، هن چيو ته ڇا مديني جي رياست هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي رياست ۾ غريب طبقي کي مٿي آندو ويو ۽ فلاحي رياست جو بنياد وڌو ??يو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي رياست جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ملڪ ۾ اسلامي فلاحي رياست جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،