اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جي محرومين جي موثر ازالي لا??ِ سڀني وفاقي وز??رت?? جي سيڪريٽرين کي هر مهيني بلوچستان جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس مان باقاعده حڪم نامو جاري ڪي?? ويو آهي. حڪم نامي موجب بلوچستان صوبي جي عوام کي درپيش مسئلن جي حل لا??ِ سڀني وفاقي وز??رت?? جي سيڪريٽرين کي هر مهيني صوبي جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏن?? ويو آهي. حڪم نامي ۾ چي?? ويو آهي ته سڀئي وفاقي سيڪريٽريز هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو بلوچستان صوبي وڃن ۽ پنهنجي وزارت، ڊويزن?? اداري بابت معاملا ترجيح بنيادن تي حل ڪن.