اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احم?? آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احم?? آغا کي بلوچستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بلوچستان کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل بلوچستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿين??و. ??ن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي ٿيندو، بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وز??ر چيو ته بلوچستان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو وين??و. ??ن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته بلوچستان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاران بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکن??و. ??نهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بلوچستان جي عوام کي ٿيندو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ق??سم خان سوري ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.