اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين ان??از ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ماضي جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وز??راعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ دليراڻي ان??از سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي ??يت کي اسلامي رسمن سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ان??هائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيو?? ۽ ??يترن کي ئي آئينو پڻ ڏيکاريو، ا??حمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وز??راعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.