اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا کي ڇا??ي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط لکي چيو آهي ته هو عورتن جي ڇا??ي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏين ته جيئن مڪمل معلومات جلد سڃاڻپ وقت سر علاج جي ذريعي قيمتي انس??ني جانين کي موذي مرض جو شڪار ٿيڻ کان بچائي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ عورتن ۾ ڪينسر جا 44 سيڪڙو ڪيس ڇا??ي جي ڪينسر جا آهن، جلد سڃاڻپ ٿيڻ سان مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو امڪان 98 سيڪڙو آهي، هن چيو ته معاشري ۾ منع ٿيل موضوع هجڻ جي ڪري عورتون مرض جي جلد سڃاڻپ ناهن ڪرائي سگهنديون آهن، جلد سڃاڻپ نه هجڻ سبب ڇا??ي جي ڪينسر ۾ مبتلا 50 سيڪڙو عورتون زندگي تان هٿ ڌوئي وهينديون آهن، صدر عورتن کي هر ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. آگاهي نه هئڻ ۽ پوءِ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير جهڙا معاملا ڇا??ي جي ڪينسر کان وڌيڪ موت جو شرح جو سبب بڻجندا آهن. دير سان مرض جي سڃاڻپ ٿيڻ جي ڪري هڪ لک مان 50 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، صدر چيو ته بيگم ثيمنه علوي ۽ سندس ٽيم ڇا??ي جي ڪينسر بابت آڪٽوبر ۾ ماڻهن کي آگاهي لاءِ مختلف پ??وگ??ام ترتيب ڏنا آهن انهن پ??وگ??ام ۾ پاڻ مرض جي سڃاڻپ ۽ مرض جي وقت سر سڃاڻپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا گذريل سال ماڻهن کي ڇا??ي جي ڪينسر جي باري ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ موثر آگاهي مهم هلائي، م??ڊيا خبرن، ٽاڪ شوز، ڪالمز ۽ ايڊيٽوريل جي ذريعي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته ميڊيا ڇا??ي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. ميڊيا تنظيمون ڇا??ي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوگو کي (گلابي) رنگ ڏئي، هن چيو ته اجتماعي ڪوششون عورتن ۾ ڇا??ي جي ڪينسر بابت مڪمل آگاهي، مرض جي جلد سڃاڻپ ۽ ان جي باري ۾ باقاعدگي علاج جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندي.