اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آهي، فضل الرحمان جيڪڏهن نواز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي ا??ي، نيب آرڊيننس جو مقصد احتساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آهي، انهن کي رڳو سيف الرحمان جهڙو احتساب اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو احتساب ڪرائين. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آهي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل الرحمان جو داڻو پاڻي بند آهي، انهي لاءِ جمهوري حڪوم?? کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن ??يو ته فضل الرحمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ن??جائز، ن??اهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻايو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن ??يو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ س??ارا پسند نه آهن ته توهان پنهنجا سڌارا کڻي ا??و، توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.