اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان گڏيل اعت??اد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپ?? کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ت?? مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل وزي??اع??م فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزي??اع??م عمران خان جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م عمران خان چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپ?? کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعت??اد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزي??اع??م جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزي??اع??م عمران خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ٺوس سياسي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزي??اع??م عمران خان جا ٿورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهري?? کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.