اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي ??لا??قي ڪيچ ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان کي هر قسم جي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته اسان جا بهادر سپاهي اسان کي دهشتگردن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، هن چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي پنهنجي جانين جو نذرانو پي?? ڪندڙ 10 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان کي هر قسم جي دهشتگردي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهيون.