اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي قائداع??م محمد علي جناح جي ويزن جي م??جب جديد اسلامي فلاحي رياست ٺاهڻ جي لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن نظريه پاڪستان ڪائونسل (ٽرسٽ) جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي م??مبرن ??ان ڳالهائيندي ڪيو. جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي چيئرمين ميان محمد جاويد پاران صدر کي ٽرسٽ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته ٽرسٽ جو بنيادي م??صد حب الوطني ۽ اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ آهي، ٽرسٽ سڄي م??ڪ ۾ پاڪستان کي درپيش مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ مبحاثي ۽ سيمينارز جو انعقاد ڪندو آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان کي قائداع??م محمد علي جناح جي ويزن موجب جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ اجتماعي قومي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، تحريڪ پاڪستان جي قائدين جي جدوجهد ۽ قربانين جي باري ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي نظريه پاڪستان ??ان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر نظريه پاڪستان اجاگر ڪرڻ، نوجوان نسل ۾ حب الوطني جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.