ابوظهبي – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان هڪ ڏينهن جي دوري تي ابو ظهبي پهتو جتي گڏيل عرت ??ماراتن جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عود آل نعيمي سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير بلاول ??ٽو زرداري، خواجه آصف، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، نوابزده شاهه زين ب??ٽي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ محسن داوڙ وزيراعظم سان گڏ آهن.