اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي بابت ٽاسڪ فورس غذا ۽ پ??ڻي جي کوٽ کان بچاءُ ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻند??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي ماهرن تي ٽاسڪ فورس جوڙي پئي وڃي، جيڪا شسپر گليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پ??ڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ موثر قدم، پ??ڻي جي بچاءُ ۽ موجو??ه ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ قدم کڻندي، هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ 5 نمبر تي آهي، پ??ڻي جي کوٽ جا خطرن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي آهي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي، پ??ڻي جي بچاءُ ۽ ان جي زيان کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو انفرادي ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو.