اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ?? خودڪش ڌم??ڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ??مزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌم??ڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.