اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ا??وان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ق??نونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين سياسي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. و??ير??عظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي جي خصوصي عدالت پاران حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير ق??نوني ۽ سياسي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخت مذمت ڪئي، هن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران والاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ ڀارت جي ٻين اقليتن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.