اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت جي مجرماڻي غفلت جي ڪري 3963 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا تعطل جو شڪار ٿيا، جنهن جي ڪري عوام کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کي منهن ڏيڻو پيو آه??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ وف??قي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي ص??رتحال جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي مجرماڻي غفلت جي ڪري 3963 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، ا??ي منصوبا 21 – 2020ع ۾ مڪمل ٿيڻا هئا. وزيراعظم چيو ته انهن منصوبن جي مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري عوام کي لوڊشيدنگ جي عذاب کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آه??.