اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي شهر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارت?? اجلاس جي موقعي تي پنهنجي جاپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيا?? موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزير هياشي يوشيما پاڪ جاپان لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفا ??اب??ا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??اب??ي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.