اسل??م آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀ??رت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ڀ??رت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو آه??. پ??ڏيهي وزير چيو ته ڀ??رت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن تحت والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آه??. پ??ڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشميري قيادت کي قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي انساني مصيبتن کي بهتر طريقي سان دست??وي??ي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آه??. پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع ک??ن هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.