اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي منظور ٿيل فنڊز ۽ هلال احمر سميت رجسٽرڊ تنظيمن کي دل کولي روڪ ۽ شين جو عطيو ڏنو وڃي، ٻ??ڏ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين انهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ٺوس حڪمت عملي ۽ منصوبي تحت ٻ??ڏ متاثرين تائين منظم ۽ شفاف طريقي سان امداد پهچائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشهره، خيبرپختونخواهه ۾ ٻ??ڏ متاثر علائقن ۽ ريليف ڪئمپس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر امان ڳڙهه، نوشهره ۽ رسالپور ڊگري ڪاليج ۾ قائم امدادي ڪئمپن جو پڻ دورو ڪيو. صدر کي ضلعي انتظاميا ۽ پاڪ فضائيه پاران نوشهره جي علائقي ۾ ٻ??ڏ متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني وئي. پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان، رسالپور جي دوري تي صدر کي پاڪ فضائيه جي ڪوششن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي اي ايف اڪيڊمي ڪئمپ ۾ 2000 ??ان وڌيڪ آءِ ڊي پيز کي خوراڪ، دوائون ۽ رهائش فراهم ڪئي وئي، پي اي ايف ميڊيڪل ڪئمپن ۾ سڄي پاڪستان ۾ 250000 ??ان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو، ٻ??ڏ متاثرين ۾ 175000 خشڪ راشن بيگ 7 1000 ??ان وڌيڪ خيما ورهايا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي ٻ??ڏ متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته حڪومت جي منظور ٿيل فنڊز ۽ هلال احمر سميت رجسٽرڊ تنظيمن کي دل کولي روڪ ۽ شين جو عطيو ڏنو وڃي، قوم ٻ??ڏ متاثرين جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهي. هن چيو ته مٽن مائٽن کي وڃائيندڙ ۽ نقصان برداشت ڪندڙ متاثرين کي فوري معاوضي جي فراهمي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته 7 لک ??ان وڌيڪ چوپائي مال جي نقصان ۽ 20 لک ايڪڙ زمين ??ان وڌيڪ فصلن جو نقصان هڪ وڏي آبادي کي پنهنجي ذريعي معاش ??ان محروم ڪري ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ ۾ 10 لک ??ان وڌيڪ گهرن کي پهچندڙ نقصان لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته قوم آزمائش ۾ ٻ??ڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ٻ??ڏ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين انهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ٺوس حڪمت عملي ۽ منصوبي تحت ٻ??ڏ متاثرين تائين منظم ۽ شفاف طريقي سان امداد پهچائي وڃي. صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ تمام گهٽ حصو آهي، پاڪستان سڄي دنيا ۾ ڪاربن اخراج جي نتيجي ۾ گلوبل وارمنگ جي ڪري ايندڙ سپر فلڊ جو شڪار آهي، عالمي برادري ۽ پاڪستاني عوام جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي ماحولياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن. صدر اسلام آباد ۽ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان حڪومت پاران شروع ڪيل گڏيل اپيل جي توثيق ڪئي. صدر سڄي ملڪ ۾ 350 ٻارن سميت 1100 ??ان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 1900 ??ان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ٻ??ڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سول انتظاميا ۽ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو.