اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ جي صورتحال کي قومي ايمرجنسي قر??ر ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ غيرمعمولي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبو ڏيکارڻو پوندو، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سموري قوم خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي عطيي جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي ڪري وڏي رقم گهربل هوندي. وفاقي حڪومت صوبن ??ان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ شديد ٻوڏ وارن ريلن جي ڪري ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، عوام جي مدد ??ان متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي عمل کي تيز بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ??رائڻ جا تفصيل اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا آهن، اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني عطيو اڪائونٽ (??را??يم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ??رائي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مصيبت ۾ گهيريل هم وطن ا??ان جي مدد جا منتظر آهن، اچو ا??ان سڀ بڻجون سهارو. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سر??س بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سڀني ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ??رائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف پي، راست جي ذريعي به جمع ??رائي سگهجن ٿا.