اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي (آءِ ايس اي) جي اهتمام هيٺ سرڪاري شعبي ج?? ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) 23 – 2022ع تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي ملازمن جي لاءِ صلاحي?? ۾ ??ضافي ج?? پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ريڊيو پاڪستان (پي بي سي) جي آفيسرن جي لاءِ پراجيڪٽ مانيٽرنگ اينڊ ايويليوايشن سسٽم (پي ايم اي ايس) بابت هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ ۽ ”آءِ ٽي ڊيجيٽل ميڊيا ۽ ماس ڪميونيڪشن“ ۾ هڪ هفتي ج?? تربيتي ڪورس منعقد ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ميڊيا مئنيجمينٽ ۽ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا ۽ تشهير جي لاءِ آءِ ٽي ج?? استعمال سميت ميڊيا سان لاڳاپيل شعبن ۾ پنهنجي آفيسرن جي صلاحي?? ۾ ??ضافي کي تمام گهڻي ا??مي?? ڏي ٿي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ترقياتي منصوبن جي تياري ۽ ان تي عملدرآمد جي حوالي سان آفيسرن ۾ بنيادي ڄاڻ پيدا ڪرڻ جي پڻ خواهشمند آهي. هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ج?? اهتمام هيٺ پي ايس ڊي پي 23 – 2022ع منصوبي تحت صلاحي?? ۾ ??ضافي ج?? پروگرام جاري ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو. هن آءِ ايس اي ج?? حصيدا??ي سان هڪ ڏينهن وارو پي ايم اي ايس ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جي لاءِ پراجيڪ??س ونگ، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت خاص طور تي ڊي ج?? (ايم آئي ايس) عمران لياقت بيگ کي ساراهيو. ان کان اڳ ڊي ايس (سي اينڊ ڊي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت محمد عثمان ڊار خصوصي ورڪشاپ جي مقصدن اتي روشني وڌي ج??هن کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وزارت جي ماهر خضر حيات صابري ترقياتي منصوبن جي مختلف رخن، انهن جي نگراني ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ جي طريقن تي تفصيلي روشني وڌي. عمران لياقت بيگ ۽ خضر حيات صابري اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف کاتن جي اٽڪل 30 شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سووينيئر ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.